ديس گونڊ

ديس گونڊ (راڳڻي): ڀيرو ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي آهي. هن جي آروهي امروهيءَ ۾ ٻئي گنڌار ۽ مڌم سر ورج آهن. ڀيرو ٺاٺ ۾ هن راڳڻي کان سواءِ ٻي ڪنهن به راڳڻيءَ ۾ آروهي امروهي ۾ گنڌار ۽ مڌم سر ورج نه آهن. ان لاءِ هيءَ راڳڻي پنهنجي سڃاڻپ ۾ يگاني آهي.
خاص پلٽو: را را سا- ڌا ڌا پا- ڌا ڌا – ني سا- را را سا- سا را سا- پا- را ڌا- ڌا پا- ڌا ني ڌا پا- را پا. را سا، آروهي: سا را سا- پا ڌا ني سا ۽ امروهي: سا ني ڌا پا- سا را سا آهي، جڏهن ته سموادي سُر رکب ۽ وادي سُر ڌيوت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو